SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ماحولياتي گدلاڻ ڀريون جنگيون


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ماحولياتي گدلاڻ ڀريون جنگيون

Pollution Wars

پوليوشن وارس

ماحولياتي گدلاڻ جو مکيه سبب ڪنهن به ملڪ ۾ ٿيل تمام گهڻي صنعت ڪاري ۽ نيوڪليائي پروگرام جو هجڻ آهي. عام طور صنعتن مان خارج ٿيندڙ مُختلف قسمن جو مواد ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊگئس ۽ زهريلن مادن کي وڌائي ٿو. ان جي اُبتڙ جيڪي ملڪ ماحول جي بچاءُ لاءِ گهٽ صنعت ڪاري ۽ نيوڪليائي پروگرام ۾ احتياط ڪن ٿا، تن کي سدائين حد کان وڌيڪ صنعتون قائم ڪندڙ ۽ نيوڪلير منصوبا شروع ڪندڙ ملڪن کان ڌرتيءَ جي ماحول کي گندو ۽ ناس ڪرڻ جي شڪايت رهي ٿي. ان کان علاوه ترقي يافته ملڪ پنهنجون پراڻيون صنعتون (جن مان ماحول جي گدلاڻ تمام گهڻي پکڙجي ٿي) جڏهن ٽيئن دنيا جي غريب ملڪن ڏانهن منتقل ڪن ٿا، ته ان عمل سان پڻ گدلاڻ کي هٿي ملي ٿي. ماهرن جو خيال آهي ته اهڙي قسم جون حالتون ۽ شڪايتون اڳتي هلي جنگ جي صورتحال پيدا ڪنديون ۽ دُنيا جون مُختلف قومون هڪٻئي سان جهڳڙنديون، ڇاڪاڻ جو بدلجندڙ ماحوليات جي ڪري پاڻيءَ جي اڻاٺ، بيماريون، ۽ ٻيون ماحولياتي، نفسياتي ۽ جسماني بيماريون پيدا ٿينديون. نتيجي ۾ بين الاقوامي نظام ۾ مسئلا پيدا ٿيندا ۽ مختلف تڪرار جنم وٺندا. جن ۾ ڪجهه هيٺيان آهن.
1- Poverty Wars (غربت سبب ٿيندڙ جنگيون): غربت جي ڪري بک ۽ بدحاليءَ ۾ گذاريندڙ قبيلا يا ملڪ، جڏهن دنيا ۾ پنهنجي مُفاد ۽ بچاءُ خاطر ڪو به معاشي نظام نه ڏسندا، ته آخرڪار اهي کاڌ خوراڪ ۽ بنيادي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ جنگ وڙهڻ لاءِ ئي تيار ٿي ويندا. آفريقا ۾ ڪيترائي اهڙا قبيلا آهن، جيڪي غربت جي ڪري ماڻهن کي مارڻ، يا غلط ذريعن سان پئسو ڪمائڻ ۾ ڪو به خوف محسوس نه ڪندا آهن، اهو رويو اڳتي هلي بين الاقوامي برادريءَ ۾ پاڙيسري مُلڪن ۽ اتحادين وچ ۾ ويڙهه جوسبب بڻجي سگهي ٿو.
2-Water Wars(پاڻيءَ جي وسيلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگيون): دُنيا ۾ پاڻيءَ جي مسئلن تي قديم زماني کان وٺي تڪرار ٿيندا آيا آهن ۽ هينئر به اهڙي صورتحال موجود آهي. جنهن جو هڪ مثال ننڍو کنڊ آهي، جتي پاڪستان جي قائم ٿيڻ ساڻ ئي پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ تي ٿيل تڪرار وارو مسئلو اڄ به هلندڙ آهي. 1960ع ۾ ”انڊس واٽربئسن ٽريٽي“ تحت پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ڪو به حل نه نڪري سگهيو. ان معاملي تي نظر رکندڙ ننڍي کنڊ جي ڪافي دانشورن، تبصري نگارن ۽ سياسي توڙي سماجي سائنس دانن جو خيال آهي، ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جو معاملو، ڪنهن مستقل حل تائين نٿو پهچي، ته پوءِ انهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ لڳڻ جا خطرا تمام گهڻا وڌي ويندا. انهيءَ امڪاني صورتحال جا وڏي ۾ وڏا سبب اهي آهن، ته پاڻي زراعت، بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ساهدارن لاءِ پيئڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ کوٽ اچي ٿي ته انهن ٽنهي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون، انهيءَ ڪري ڪو به ملڪ پاڻيءَ جا وسيلا ڪنهن به شرط تي وڃائڻ نه ٿو چاهي. پاڻيءَ جي مسئلي تي يورپ ۽ آمريڪي کنڊ جي مُلڪن کانسواءِ آفريقا ۾ سوڊان ۽ مصر سميت مُختلف ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ موجود آهي.
3- Power Wars(هڪ ٻئي مٿان طاقت جي زور تي حاوي ٿيڻ لاءِ جنگيون): ڪنهن به ملڪ ۾ فوجي معاملن ۾ جدت، صنعتي حوالي سان اڳڀرائي ۽ ائٽمي توانائيءَ وارن هٿيارن کي وڌائڻ جون ڪوششون انهيءَ ڪري ڪيون وينديون آهن، ته جيئن طاقت جي زور تي ٻين ملڪن تي حاوي ٿي سگهجي. ويهين صدي عيسويءَ جي وڏي ۾ وڏي فلاسافر ’برٽرينڊ رسل‘ (1872-1970ع) جي خيال مطابق فوجي شعبي سان گڏوگڏ چئن ٻين شعبن (سياست، معاشيات، نفسيات ۽ پروپيگنڊا/ ميڊيا) تي ڪنٽرول هجڻ سان، قومون هڪٻئي تي حاوي ٿيڻ جون ڪوششون ڪنديون آهن. انهيءَ جو مثال سوويت يونين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سرد جنگ جو ٿيڻ آهي. دنيا جو سياسي سرشتو گذريل صديءَ تائين ٻن ملڪن (آمريڪا ۽ سوويت يونين ) جي حاڪميت جي زور تي پئي هليو، پر سرد جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ، آمريڪا جي وڌيڪ سگهارو ٿي وڃڻ کانپوءِ، سڄي دنيا جي هلي چليءَ تي سندس وڌيڪ اثر آهي، جنهن ڪري هڪ رُخي نظام دُنيا ۾ طاقت جي توازن کي بگاڙي، عالمي امن کي خطرا ڏئي ڇڏيا آهن. انهيءَ حوالي سان وچ اوڀر ۾ ٿيل لڙائين سميت عراق، ايران، بوزنيا، ڪوسوو ۽ افغانستان ۾ پيدا ٿيل جنگي صورتحال اسان جي سامهون آهي. انهن سڀني جنگين جا اصل سبب، وسيلن تي ڪنٽرول ڪرڻ وارا ٻُڌايا ويا آهن


Remember Me Also:

پٽ سٽ

ث. پَٽڻ ۽ کُونڌڻ جي حالت. اوڌر پاڌر. اوڳڙ ، پِن سِن. اوچتي ڪمائي. ڪمائي جو غير مقرر ذريعو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal